شاهه جو کوهه

شاهه جو کوهه: ڀٽ شاهه تي، شاهه لطيف جي درگاهه جي احاطي ۾ مقبري جي بلڪل سامهون اوڀر پاسي هڪ کوهه آهي، جنهن کي شاهه جو کوهه ڪري سڏيو وڃي ٿو.
شاهه لطيف، ڀٽ تي فقيرن ۽ آل عيال سان گڏ رهائش اختيار ڪرڻ وقت اهو کوهه کوٽرايو هو، جنهن جون ڀتيون پٿر ۽ پڪين سرن جون آهن. کوهه جي ويڪر 15 فوٽ آهي ۽ اهو 200 فوٽ اونهو آهي. جنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين 50 کان 60 فوٽن تائين پاڻي رهندو آهي. انهيءَ پاڻيءَ کي شاهه لطيف جي ڏينهن کان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. هينئر ته انهيءَ کوهه جي پڳ کي 12 فوٽ کن مٿي ڪري ان تي ڪاشيءَ جون سرون لڳائي بند ڪيو ويو آهي ۽ پاسي کان هيٺ لهڻ لاءِ لوهي ڏاڪڻ ٺهيل آهي ۽ اندرئين پاسي سيمينٽ ۽ لوهه سان جهلون ٺاهي، پاڻي ڇڪڻ لاءِ موٽرون پڻ لڳايون ويون آهن. اڄڪلهه هتان پاڻي ايتري مقدار ۾ ڪڍيو وڃي ٿو، جو درگاهه، سيد ڪالوني ۽ شيخ محلي جو به گهڻو حصو انهيءَ پاڻيءَ کي استعمال ڪري ٿو.


لفظ شاهه جو کوههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو